طلسم جادو

طلسم /جادو: اردو ۽ فارسيءَ ۾ طِلِسم، عربيءَ ۾ طِلَسم. هي يوناني لفظ Talisma کان ورتل آهي. يعني اهڙو ڪتبو يا لکت، جنهن ۾ علم نجوم و جوتش ۽ جادو وغيره جون نشانيون درج هجن يا ڪا اهڙي شيءِ جنهن تي انهيءَ قسم جا نقش، جانورن جو شڪليون، آسماني برجن يا ستارن جا مجموعا وغيره داخل يا چٽيل هجن. جن کي بدنظر کان بچڻ لاءِ جادوءَ جي طلسمن طور استعمال ڪيو ويندو هو. انهيءَ جو يوناني نالو هن ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته انهن طلسمن جي شروعات يونان جي آخري دور ۾ ٿي. انهن طلسمن جي عام استعمال سان غناسطي (Ganastic) خيالن جي تشريح ٿئي ٿي. چون ٿا ته انهن طلسمن جو موجد حڪيم بليناس هو. روايت آهي ته اهو ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجا طلسم ڇڏي ويو، جيئن انهن ذريعي طوفانن، نانگن، وڇوئن وغيره کان محفوظ رهي سگهي. اهڙن طلسمن ٺاهڻ جا ڪيترائي قاعدا ’Hermes Trismegistus‘ ڏانهن به منسوب ڪيا وڃن ٿا. اهڙن جادو ٽوڻن ۽ طلسمي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ پڻ ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو